ڪورونا ڪرونا وائرس

ڪورونا / ڪرونا وائرس: هيءُ خوردبين جيوڙي/وائرس جو هڪ گروهه آهي، جنھن جي جينوم جيو مقدار 26 کان 32 آهي. هن وائرس جو تعلق Coronaviridae خاندان سان ۽ سائنسي نالو Orthocoronavirinae آهي. ڪورونا Corona اصل ۾ لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ’تاج‘ يا سج جي چوڌاري روشن پڙي/هالي، جي آهي. ڇاڪاڻ جو ان وائرس جي ظاهري شڪل تاج ۽ هالي(گول دائري) جھڙي ٿئي ٿي، جنھن ڪري ان وائرس کي ’ڪورونا وائرس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي وائرس جانورن يا پکين ۾ مختلف معمولي ۽ غير معمولي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. اهڙي ريت انسانن ۾ هن وائرس جي موجودگي سان ساهه جي پيچيده بيماري ٿئي ٿي. عام طور هن وائرس جو اثر معمولي ۽ لِڪل هجي ٿو مگر اڪثر ڪنھن غير معمولي صورتحال ۾ موتمار به ٿئي ٿو. 2019ع ۾ ڪورونا وائرس کي ڪووڊ-19 (Covid-19) جو نالو ڏنو ويو. جيڪو دراصل 2019ع کان ڪورونا وائرس جي انفيڪشن سبب سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وبائي مرض طور پکڙيو. تاريخي لحاظ کان هي تمام پراڻو وائرس آهي، جيڪو پھريون ڀيرو 1930ع ڌاري ڪڪڙين ۾ ۽ پوءِ 1940ع ڌاري ڪوئن ۾ مليو. انسانن ۾ ڪورونا وائرس 1960ع جي ڏهاڪي ۾ دريافت ٿيو . تنھن وقت هن وائرس کي هيومن (انساني) ڪورونا وائرس E229۽ OC43 جو نالو ڏنو ويو هو. ان کانپوءِ هن وائرس جا ٻيا به ڪيترا قسم هيٺينءَ ريت دريافت ٿيا:
2003ع ۾ ڪورونا وائرس SARS-COV دريافت ٿيو.
2004ع ۾HCOV-NL63 ڪورونا وائرس نمودار ٿيو.
2005ع ۾ ڪورونا وائرس HKU1 دريافت ٿيو.
2012ع ۾ ڪورونا وائرس MERS-COV منظر عام تي آيو.
مٿيان سڀ وائرس محدود سطح تي ڦھلجڻ کانپوءِ ضابطي ۾ اچي ويا. جڏهن ته ڪورونا وائرس ncov-2019 کي صحت جي عالمي اداري (WHO) عالمي وبا قرار ڏنو، جيڪا ڊسمبر 2019ع کان چين جي صوبي ’ووهان‘ کان اُڀري. نتيجي ۾ 25 جنوري 2020ع تي چين جي 13 شھرن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي. ان کانپوءِ هي وائرس يورپ سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڦھليو. هي وائرس ان ڪري به وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿو جو هي انسانن جي وچ ۾ آسانيءَ سان ڦھلجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي وائرس، پنھنجي پيچيده جينياتي تبديلي سبب انسان جي دفاعي نظام کي وڌ کان وڌ متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو، جنھن ڪري ان جي وڌندڙ رفتار تي ضابطو آڻڻ مشڪل هوندو آهي. هن وائرس جي عام علامتن ۾: کنگهه، زڪام، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، بدن ۾ سور، ٿڪاوٽ/ٿڪ، اُلٽي، دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ شامل آهن. متاثر مريضن ۾ ساهه کڻڻ ۾ شديد تڪليف، معدي ۾ تيزابيت يا رت ڄمڻ جي صورت ۾ انتھائي مسئلي جي صورت اختيار ڪري ٿو. هفتي/ ڏهن ڏينھن ۾ ساهه جي تڪليف ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، ايتريقدر جو ساهه نه کڻي سگهڻ جي صورت ۾ موت واقع ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ڪيسن ۾ ٽائيفائيڊ جي ٽيسٽ مثبت اچي ٿي، جڏهن ته ڪن مريضن ۾ ڪا به علامت ظاهر نٿي ٿئي.هن وائرس جي علاج يا بچاءُ لاءِ صحت جي عالمي ادارن طرفان دوا توڙي وئڪسين جي تياري ۾ مختلف زاوين کان تحقيق ڪئي وئي. تنھن هوندي به ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. جھڙوڪ: جسم توڙي آسپاس جي صفائي جو خيال رکڻ، هٿن کي بار بار ڌوئڻ، زڪام يا کنگهه وقت ٽشو يا رومال جو استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي ميڙ/ هجوم کان پاسيرو رهڻ يا وڌ کان وڌ ڇھه فوٽ جو مفاصلو رکڻ، سٺي غذا واپرائڻ ۽ ماسڪ جي استعمال کي يقيني بنائڻ سان هن وائرس کان گهڻي حد تائين بچي سگهجي ٿو.
هن بيماري کان بچاءَ لاءِ سال 2020ع جي آخر ۾ چين طرفان ڪيتريون ئي وئڪسينون تيار ڪيون ويون، جن مان صرف ٽن: سائنو فارم (Sinopharm)، ڪينسينو (Cansino) ۽ سائنوويڪ (Sinovac) کي صحت جي عالمي اداري (WHO) طرفان منظوري ملي. پاڪستان کي چين طرفان سائنو فارم (Sinopharm) وئڪسين فراهم ڪئي وئي، جيڪا پھرين هيلٿ ورڪرن ۽ پئرامئڊيڪل اسٽاف کي لڳائي وئي. آڪسفرڊ يونيورسٽي جي تيار ڪيل وئڪسين آسٽرازينيڪا (AstraZeneca)، سٺ سال يا ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ پوڙهن ماڻھن لاءِ تجويز ڪئي وئي. جڏهن ته چين جي ڪينسينو وئڪسين ۽ روس جي تيار ڪيل اسپٽنڪ (Sputnik) وئڪسين جي فراهميءَ لاءِ معاهدو ٿيو ۽ اهي پڻ دنيا جي مڙني ملڪن ۾ فراهم ڪيون ويون. انھن وئڪسينز جي مقدار (Doses) جو تعداد به مختلف رکيو ويو. جيئن سائنو فارم ۽ آسٽرازينيڪا وئڪسين جا ٻه ٻه ڊوز مقرر ڪيا ويا. پھرئين ڊوز جي ٽن چئن هفتن کانپوءِ ٻيو ڊوز لڳايو ويندو هو. جڏهن ته ڪينسينو وئڪسين جو صرف هڪ ڊوز ئي ڪافي سمجهيو ويو. هيءَ وئڪسين انجيڪشن ذريعي لڳائجي ٿي، تنھنڪري ڪجهه ڪيسن ۾ معمولي نوعيت جا ڪجهه وقتي اثر ظاهر ٿين ٿا، جھڙوڪ: انجيڪشن لڳڻ واري جاءِ تي سوڄ يا سور، جسم ۾ سور، گهٻراهٽ ٿيڻ، معمولي بخار اچڻ وغيره.
صحت جي عالمي اداري (WHO) پاران ڪووئڪس رٿا (Covax Scheme) تحت ڪيترن ئي ملڪن جي مدد ڪئي وئي. هن رٿا جي ايجنڊا گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو آبادي جي وئڪسينيشن ڪرڻ هئي. ترقي يافته ملڪن نه صرف وئڪسين خريد ڪئي، بلڪ ڪيترن ئي ملڪن جي دواساز ڪمپنين اِهي وئڪسينز تيار پڻ ڪيون. هن اسڪيم تحت دنيا جي 190 ملڪن ۾ وئڪسين جا لڳ ڀڳ 2 بلين ڊوز فراهم ڪيا ويا، جن مان (پاڪستان سميت) 92 غريب ملڪن کي وئڪسين فراهم ڪرڻ لاءِ 6 بلين ڊالرز جمع ڪيا ويا ۽ وئڪسين جي منصفاڻي ورڇ/ تقسيم لاءِ هڪ عالمي پيمانو به مقرر ڪيو ويو جنھن ۾ عمر جي تناسب ۽ خطري جي امڪان جي اعتبار کان هر ملڪ ۾ مرحليوار وئڪسين فراهم ڪئي وئي. اهڙي ريت هن وچڙندڙ وائرس/بيماريءَ تي ڪجهه قدر ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي.
2021ع تائين سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا 11 ڪروڙ 57 لک 79 هزار 7 سؤ 77 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 25 لک 72 هزار مريض فوت ۽ 9 ڪروڙ 14 لک 83 هزار 4 سؤ 68 ماڻھو صحتياب ٿيا. ڪورونا وائرس سبب وڌ کان وڌ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ (انساني جانين جي نقصان سان) آمريڪا ۾485،154 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. ساڳي ريت برازيل ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 239,294، برطانيا ۾ 17,396، اٽليءَ ۾ 93،577، فرانس ۾ 81،814 ، ايران ۾ 58،945، جرمني ۾ 65,566، پاڪستان 12،333 (سنڌ صوبي ۾ 4219)، چين 6364,، سعودي عرب 6،433، جاپان 6,912 ،سوئٽزرلينڊ ۾9,765 ،آسٽريليا 909 ۽ انڊيا ۾ 155,764 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو